باني پي ٽي آءِ ٻيهر ميڊيڪلي فٽ قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): باني تحريڪ انصاف عمران خان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيڪلي فٽ قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ چيف ڪمشنر ڏانهن موڪلي وئي آهي.
تفصيل موجب اڊيالا جيل ۾ قيد باني پي ٽي آءِ کي معمولي طبي معائني لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) منتقل ڪيو ويو، جتي تفصيلي معائني بعد کيس ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو.
ذريعن موجب عمران خان کي سخت سيڪيورٽي ۾ رات جي وقت اسپتال آندو ويو، جتي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ سندس طبي معائنو ڪيو. چيڪ اپ مڪمل ٿيڻ بعد کيس رات 4 وڳي واپس جيل منتقل ڪيو ويو.
پمز اسپتال جي 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ ۾ باني پي ٽي آءِ کي مڪمل طور صحتمند ۽ “ميڊيڪلي فٽ” قرار ڏنو آهي.
رپورٽ ۾ گذريل معائنن ۽ هاڻوڪن ڪلينڪل ٽيسٽن جا تفصيل شامل آهن، جڏهن ته اکين جي علاج بابت الڳ تفصيلي رپورٽ به جاري ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل بورڊ جي تيار ڪيل رپورٽ باقاعدي طور چيف ڪمشنر ڏانهن اماڻي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو