جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ): جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ شادي خان جکراڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي اسڪول وڃڻ واري معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ قربان علي شاهه، امام بخش، اصغر علي، بابر علي ۽ عورت مسمات شهزادي سميت ٻيا شامل آهن، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
واقعي خلاف هڪ ڌر پاران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو ويو.
زخمي قربان علي جکراڻي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته سندن ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان معاملي تي اڳ به ڇڪتاڻ ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته اڄ مخالف ڌر حملو ڪري کين زخمي ڪيو، جڏهن ته پوليس تي به ڪارروائي نه ڪرڻ ۽ مبينا رشوت وٺڻ جا الزام لڳايا ويا.
متاثر ڌر اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
