سکر (ويب ڊيسڪ): سکر باگڙجي ٿاڻي جي حد جنگ چوڪي ڀرسان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو۔
پوليس ۽ علائقي واسين موجب فائرنگ دوران عبدالڪريم عطراڻي جتوئي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو۔
مقتول جي وارثن الزام هنيو آهي ته مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ صدن غلاماڻي جتوئي، نيڪ محمد غلاماڻي جتوئي ۽ علي محمد جتوئي هٿيارن سان فائرنگ ڪري عبدالڪريم کي قتل ڪيو۔
واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حالتن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي۔
آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جاري هئي، جڏهن ته مقتول جي وارثن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي۔
