ڪراچي ۾ ڀتو خوري جو هڪ ٻيو واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ دڪاندار کان لکين رپيا ڀتو طلب ڪندي کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن۔يس موجب فيروز آباد ٿاڻي ۾ دڪاندار سلمان رضا بدنام ڀتو خور صمد ڪاٺياواڙي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي۔ مدعي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته کيس واٽس ايپ تي ملائيشيا جي نمبر تان پيغام مليا، جن ۾ موڪلڻ واري پاڻ کي صمد ڪاٺياواڙي ظاهر ڪندي 50 لک رپيا ڀتي جو مطالبو ڪيو۔ايف آءِ آر موجب جوابدار دڪاندار کي ڊيڄارڻ لاءِ سندس دڪان جي اندر ۽ ٻاهر جون تصويرون پڻ موڪليون ۽ رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون۔پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي جاچ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ صدر حوالي ڪئي وئي آهي ته جيئن جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو وڃي۔
