رحيم يار خان (5 مئي 2026): مسئلن ۾ ڦاٿل پاڪستاني عوام جي حق ۾ جماعت اسلامي پاڪستان عيدالاضحيٰ کانپوءِ ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان عوامي مسئلن جي حل لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي وڪيل برادري کي اپيل ڪئي آهي ته هو اڳتي اچن ۽ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏين۔رحيم يار خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اشرافيه جو نظام غريب عوام جي کيسي تي بار وجهي هلي رهيو آهي۔ هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ ليوي جي مد ۾ لڳ ڀڳ 2400 ارب رپيا عوام کان وصول ڪيا ويا، جيڪي آئي پي پيز مافيا کي ڏنا پيا وڃن۔حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 50 کان 60 سالن کان وراثتي سياست جو نظام جاري آهي ۽ فارم 47 ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو۔هن واضح ڪيو ته جماعت اسلامي ڪنهن به ذاتي مفادن تي ٻڌل سياسي اتحاد جو حصو نه بڻجندي۔ سندس چوڻ هو ته عدليه قربانين باوجود پنهنجو مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، تنهنڪري وڪيل اڳتي اچن ۽ عوامي جدوجهد ۾ ساٿ ڏين۔
