ڏکڻ آفريقا ۾ حيران ڪندڙ واقعو، مگرمڇ جي پيٽ مان انساني باقيات هٿ

جنوبی افریقہ ۾ هڪ حيران ڪندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جتي پوليس هڪ وڏي مگرمڇ کي دريا مان ڪڍي جاچ ڪئي ته ان جي پيٽ مان انساني باقيات هٿ آيون۔

پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ بهادر پوليس آفيسر هن ڪارروائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن بعد مگرمڇ کي پڪڙي ٻي هنڌ منتقل ڪيو ويو۔ سوشل ميڊيا تي جاري وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس هيليڪاپٽر ذريعي مگرمڇ کي منتقل ڪري رهي آهي۔

مقامي ذريعن موجب مگرمڇ جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 4.5 ميٽر ۽ وزن لڳ ڀڳ 500 ڪلوگرام هو۔ طبي جاچ دوران ان جي پيٽ مان انساني باقيات مليون، جن بابت خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي هڪ گم ٿيل واپاري جون آهن۔

رپورٽن موجب 59 ورهين جو واپاري گیبریل باتیستا گذريل هفتي ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي گم ٿي ويو هو۔ پوليس کي شڪ هو ته هن مگرمڇ کيس ڳڙي ڇڏيو، جنهن جي نشاندهي ڊرونز ذريعي ڪئي وئي۔

بعد ۾ مگرمڇ کي گولي هڻي ماريو ويو ۽ هيليڪاپٽر ذريعي منتقل ڪيو ويو۔ جڏهن ان کي زمين تي آڻي چيريو ويو ته انساني باقيات سان گڏ هڪ انگوٺي ۽ 6 جوڙا جوتا به هٿ آيا، جنهن مان خدشو آهي ته اهي ٻين ماڻهن جا به ٿي سگهن ٿا۔

حڪامن موجب واپاري ٻوڏ واري صورتحال دوران پاڻي هيٺ پل پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته جيئن پنهنجي هوٽل ۽ بار تائين پهچي سگهي، پر ان دوران سندس گاڏي تيز وهڪري ۾ وهي وئي۔

پنھنجي راءِ لکو