دهشتگردن جو علاج: سنڌ حڪومت ڊاڪٽر عاصم، انيس قائمخاني ۽ قادر پٽيل کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزارت دهشتگردي جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين، انيس قائمخاني، قادر پٽيل سميت ٻين کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي. قلم 294 جي تحت ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي آڏو دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪيس ۾ داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته سنڌ جي گهرو وزارت ڪيس واپس وٺڻ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.سنڌ جي گهرو وزارت طرفان درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جي خلاف گواهه ناهن مليا، جاچ آفيسر شروعاتي محلي ۾ به شاهديون نه هجڻ تي ڪيس کي اي ڪلاس ڪري ڇڏيو هو. قلم 294 جي تحت جوابدارن مٿان داخل ڪيل ڪيس کي ختم ڪيو وڃي.عدالت گهرو وزارت جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي مارچ جي ٻئي هفتي ۾ جواب طلب ڪري ورتو.ياد رهي ته ضياءُالدين اسپتال ڪراچي ۾ دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس 2015ع ۾ رينجرز جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين، انيس قائمخاني، قادر پٽيل، وسيم اختر، رئوف صديقي، عثمان معظم ۽ سليم شهزاد کي نامزد ڪيو ويو هو. جڏهن ته هڪ ٻيو نامزد جوابدار ايم ڪيو ايم اڳواڻ سليم شهزاد فوت ٿي چڪو آهي.