: ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 21 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ افغان شهري پڻ شامل آهن۔
سينٽرل پوليس آفيس موجب مدرسه حقانيه ۾ ڌماڪي ۽ مولانا فضل الرحمان تي آپگهاتي حملي جي منصوبابندي وارن ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ ڪرڪ ۽ خيبر ۾ ڪارروائين دوران دهشتگردن خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي وئي۔
سي پي او موجب جاچ دوران دهشتگردي جي فنانسنگ نيٽ ورڪ، مالي ذريعن، ٺڪاڻن ۽ ٽارگيٽ سليڪشن جي طريقن کي بي نقاب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي دهشتگردن جي فنڊنگ جا ثبوت پڻ مليا آهن۔
پوليس موجب پابندي مڙهيل تنظيمن جي سليپر سيلز ۽ پرڏيهي ويڙهاڪن جي نيٽ ورڪ جو به پتو لڳايو ويو آهي۔ جاچ دوران خوارج جي منظم نيٽ ورڪ جي نشاندهي ٿي آهي، جڏهن ته سرحد پار رابطن سبب جاچ ۾ ڏکيا چيلينج به سامهون اچي رهيا آهن۔
سينٽرل پوليس آفيس جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي وڏن حملن، جن ۾ پوليس لائن آپگهاتي حملو ۽ مدرسه حقانيه ڌماڪو شامل آهن، جي ذميواري ڪنهن به تنظيم قبول ناهي ڪئي، جڏهن ته ڪجهه ڪيسن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جون دعوائون غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ثابت ٿيون آهن۔
