ڪراچي: انٽر بورڊ جي ڪارروائي، موبائل ذريعي نقل ڪندڙ 7 اميدوار پڪڙجي ويا

ڪراچي ۾ انٽر بورڊ جي ’سپر هاءِ پاور ويجيلنس ٽيم‘ مختلف امتحاني مرڪزن تي ڇاپا هڻي موبائل فون ذريعي نقل ڪندڙ 7 اميدوارن کي پڪڙي ورتو۔تفصيل موجب چيئرمين انٽر بورڊ پروفيسر فقیر محمد لاکھو جي اڳواڻي ۾ ويجيلنس ٽيم ضلعي مرڪزي جي مختلف امتحاني مرڪزن جو اوچتو دورو ڪيو، جتي وڏي پيماني تي نقل جون ڪوششون ناڪام بڻايون ويون۔معائني دوران گورنمينٽ ڪاليج فار بوائز ناظم آباد مان 8 اميدوارن وٽان موبائل فون هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته 7 اميدوار موبائل ذريعي نقل ڪندي پڪڙيا ويا۔چيئرمين انٽر بورڊ موجب نقل ڪندڙ اميدوارن جون جوابي ڪاپيون فوري طور ضبط ڪيون ويون آهن ۽ سمورا ڪيس وڌيڪ قانوني ۽ تاديبي ڪارروائي لاءِ ’ان فيئر مينز ڪميٽي‘ حوالي ڪيا ويا آهن۔ڪاليج انتظاميا امتحاني عمل ۾ ٻاهرين مداخلت بابت به شڪايتون ڪيون، جنهن بعد شپ اونر ڪاليج ٻاهران پوليس جون ٻه موبائلون مقرر ڪيون ويون ته جيئن امتحاني شفافيت برقرار رکي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو