ايران جي پرڏيهي وزير Abbas Araghchi اسرائيل ۽ ان جي سهولتڪارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل سان ڳٺ جوڙ ناقابلِ معافي جرم آهي۔عباس عراقچي ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته عظيم ايراني قوم سان دشمني هڪ بيوقوفاڻو جوا آهي ۽ جيڪي ماڻهو اسرائيل سان گڏجي اختلاف ۽ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، انهن کان حساب ورتو ويندو۔هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم Benjamin Netanyahu هاڻي کلي عام اهي ڳالهيون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن، جن بابت ايراني سيڪيورٽي ادارا اڳ ئي خبردار ڪري چڪا هئا۔واضح رهي ته گڏيل عرب امارات اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي مبينا دوري يا اسرائيلي فوجي وفد جي اچڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪئي آهي۔
