پيپلز پارٽي جي حمايت کانسواءِ بجيٽ ۽ آئيني ترميم ممڪن ناهي، بلاول ڀٽو زرداري

يڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت اڃا تائين پارٽي کي اعتماد ۾ ناهي ورتو،Bilawal Bhutto Zardari چيو آهي ته اڃا تائين 28هين آئيني ترميم بابت پيپلز پارٽي سان ڪا به صلاح مشورو ناهي ڪيو ويو.تنهن ڪري موجوده صورتحال بابت اڳواٽ ڪا حتمي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي.هن ٻڌايو ته وفاقي بجيٽ بابت حڪومت سان ڳالهين لاءِ پيپلز پارٽي جي چار رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا پارٽي جا تحفظات ۽ معاشي تجويزون حڪومت آڏو پيش ڪندي.پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته ملڪ کي درپيش معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ ضروري آهن ۽ حڪومت کي بجيٽ جي منظوري لاءِ پيپلز پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.بلاول ڀٽو زرداري خبردار ڪيو ته پيپلز پارٽي جي حمايت کانسواءِ نه بجيٽ پاس ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪا آئيني ترميم ممڪن آهي.

پنھنجي راءِ لکو