عدالت جو فيصلو: ڪرنٽ لڳڻ واري حادثي ۾ ڪي اليڪٽرڪ تي 1 ڪروڙ 35 لک رپيا هرجاڻو

ڪراچي جي سينيئر سول جج (مرڪزي) عدالت هڪ اهم ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڪي اليڪٽرڪ کي غفلت جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

هي ڪيس 2019 جو آهي، جڏهن برسات دوران هڪ ٻار کي بچائيندي شهري شيخ سعد احمد کي بجلي جي پول مان ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويو.

عدالت جو فيصلو:
ڪي اليڪٽرڪ کي 1 ڪروڙ 35 لک رپيا هرجانو ادا ڪرڻ جو حڪم
رقم 90 ڏينهن اندر متاثرين جي خاندان کي ڏيڻ جي هدايت
عدالت چيو ته بجلي فراهم ڪندڙ ادارن تي عوام جي حفاظت جي “غير معمولي ذميواري” هوندي آهي
عدالت جا اهم ريمارڪس:
عوامي هنڌن تي بجلي جي پول ۾ ڪرنٽ هجڻ پاڻ غفلت جو ثبوت آهي
ٻين ادارن جون تارون لڳل هجن به ڪي اليڪٽرڪ ذميواري کان آجو نٿو ٿي سگهي
انساني جان بچائڻ جي ڪوشش کي قانون هميشه نرمي سان ڏسي ٿو
ڪيس جا دليل:
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اڳ به علائقي وارن شڪايتون ڪيون هيون پر ڪو اثرائتو قدم نه کنيو ويو
ڪي اليڪٽرڪ وڪيل جو موقف هو ته پول سندن ملڪيت نه هو ۽ ڪرنٽ جنريٽر جي تارن مان آيو
عدالت ٻنهي دليلن کي رد ڪندي ڪي اليڪٽرڪ کي غفلت جو ذميوار قرار ڏنو

هي فيصلو بجلي جي حفاظت ۽ ادارن جي ذميواري بابت هڪ اهم قانوني مثال قرار ڏنو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو