وزيراعظم شهباز شريف 23 مئي کان اهم چين جي دوري تي روانو ٿيندو، وڏن معاهدن جو امڪان

وزيراعظم شهباز شريف جي متوقع اهم دوري بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن۔ ذريعن موجب وزيراعظم 23 کان 26 مئي تائين چين جو اعليٰ سطحي سرڪاري دورو ڪندو، جنهن دوران پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ جو امڪان آهي۔ذريعن مطابق وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٿيندڙ بي ٽو بي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو۔ ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ هوندو۔وفد ۾ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، خوراڪ تحفظ وارو وزير رانا تنوير حسين ۽ صنعت بابت صلاحڪار هارون اختر خان پڻ شامل هوندا۔وزيراعظم شهباز شريف چين جي شهر هينگجو ۾ ٿيندڙ بي ٽو بي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جتي 80 کان وڌيڪ ڪاروباري شخصيتون پڻ ساڻس گڏ هونديون۔ دوري دوران وزيراعظم عالمي شهرت يافته Alibaba جي سربراهه سان به ملاقات ڪندو، جڏهن ته ڪيترن ئي معاهدن تي صحيون ٿيڻ جو امڪان آهي۔هينگجو کان پوءِ وزيراعظم بيجنگ روانو ٿيندو، جتي هو ٻن ڏينهن جي قيام دوران چيني صدر ۽ ٻين اعليٰ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو۔

پنھنجي راءِ لکو