اڪستان ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن سبب اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين ڏانهن عوامي دلچسپي تيزي سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته ماهرن موجب هن شعبي جي ڪاميابي لاءِ مضبوط انفراسٽرڪچر، آسان فنانسنگ ۽ مستقل حڪومتي پاليسي انتهائي ضروري آهي۔BYD جي سيلز اينڊ اسٽرٽجي جي نائب صدر دانش خالق هڪ انٽرويو دوران چيو ته فيول جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ اليڪٽرڪ ۽ نيو انرجي گاڏين بابت ماڻهن جي دلچسپي ٻه کان ٽي ڀيرا وڌي وئي آهي ۽ شورومن تي انڪوائريز ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي۔هن چيو ته صارف هاڻي وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ ٿي ويا آهن ۽ روايتي فيول گاڏين جي مقابلي ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي خرچ ۽ فائدن جو جائزو وٺي رهيا آهن۔ سندس چوڻ موجب تقريباً 70 لک رپين واريون ڪجهه اليڪٽرڪ ايس يو ويز روايتي گاڏين جي برابر يا ڪڏهن ڪڏهن ان کان به سستيون آهن۔دانش خالق موجب اليڪٽرڪ گاڏين جي واڌاري لاءِ چارجنگ انفراسٽرڪچر سڀ کان اهم عنصر آهي، ڇو ته “رينج اينزائٽي” صارفين لاءِ وڏو مسئلو آهي۔ هن ٻڌايو ته ڪمپني سڄي ملڪ ۾ چارجنگ نيٽورڪ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڪراچي کان پشاور تائين هر 200 ڪلوميٽرن تي چارجنگ اسٽيشن موجود هجي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمپني لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ سروس ۽ شوروم نيٽورڪ پڻ وڌائي رهي آهي ته جيئن صارفين جو اعتماد بحال رهي۔بيٽري ٽيڪنالاجي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته BYD بنيادي طور بيٽري ٺاهيندڙ ڪمپني پڻ آهي، تنهن ڪري ان جي گاڏين جي لاڳت نسبتاً گهٽ ۽ ڪارڪردگي بهتر آهي۔ سندس دعويٰ موجب اليڪٽرڪ گاڏيون تقريباً 1.2 ملين ڪلوميٽر تائين هلي سگهن ٿيون ۽ بيٽري جي ڪارڪردگي ڊگهي عرصي تائين 80 سيڪڙو برقرار رهي ٿي۔هن زور ڏنو ته اليڪٽرڪ گاڏين جي ترقي لاءِ حڪومت کي ڊگهي مدي واري ۽ مستقل پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، ٽيڪس ۽ ڊيوٽين ۾ توازن رکڻو پوندو ۽ مقامي اسمبلنگ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻي پوندي۔
