سلهٽ ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم سخت دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي آهي، جتي بنگلاديش طرفان ڏنل 437 رنز جي وڏي هدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم جون ٻه وڪيٽون جلد ڪري پيون آهن۔ عبدالله فضل ۽ اذان اويس جلد آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته ڪپتان شان مسعود ۽ بابر اعظم ڪريز تي موجود آهن۔
بنگلاديش پهرين اننگ ۾ 278 ۽ ٻي اننگ ۾ 390 رنز ٺاهي پاڪستان کي 438 رنز جو ڏکيو هدف ڏنو۔ پاڪستان پهرين اننگ ۾ صرف 232 رنز تي آئوٽ ٿي ويو هو۔ جيڪڏهن پاڪستان هي هدف حاصل نه ڪري سگهيو ته بنگلاديش نه رڳو سيريز کٽي وٺندو پر پاڪستان کي ٻي مسلسل ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ جو اعزاز به حاصل ڪندو۔
