عيدالاضحيٰ تي ڪي اليڪٽرڪ جون حفاظتي هدايتون جاري

ڪراچي: K-Electric عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شهرين لاءِ حفاظتي هدايتون جاري ڪندي اپيل ڪئي آهي ته قرباني جا جانور بجلي جي ٿنڀن، ٽرانسفارمرن ۽ برقي تنصيبات ڀرسان نه ٻڌا وڃن۔اداري موجب برقي تنصيبات ويجهو پاڻي استعمال ڪرڻ کان به پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته بجلي جي ٿنڀن ۽ تارن تي آرائشي سامان لڳائڻ کان به خبردار ڪيو ويو آهي۔ ڪي اليڪٽرڪ غيرقانوني ڪنڊن کي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال جي فوري اطلاع 118 تي ڏني وڃي۔