پاکستان کسٹمز مئي 2026 جي پهرين ٻن هفتن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ خلاف ڪاررواين دوران 3 ارب 71 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو سامان ۽ گاڏيون ضبط ڪيون ويون آهن۔
رپورٽ موجب چيف ڪليڪٽر باسط مقصود عباسی جي هدايت تي مختلف شهرن ۾ سخت ڪارروايون ڪيون ويون۔ گڊاني ۾ سڀ کان وڏي ڪارروائي دوران 85 ڪروڙ 30 لک رپين جو اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته ايراني ڊيزل جي اسمگلنگ جي ڪوشش به ناڪام بڻائي وئي۔سرگودها، ڪوئيٽا، ملتان، ڪراچي، پشاور، اسلام آباد، لاهور ۽ حيدرآباد ۾ به ڪروڙين رپين جو غير قانوني سامان ضبط ڪيو ويو، جنهن ۾ سگريٽ، بصر، ڊيزل ۽ ٻيون شيون شامل آهن۔ڪسٽمز اختيارين جو چوڻ آهي ته اسمگلنگ ۽ غير قانوني واپار خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪيو ويندو۔