گلگت بلتستان چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اڳتي، بلاول ڀٽو جيالن کي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏئي ڇڏيون

گلگت بلتستان جي 24 چونڊ تڪن مان هيل تائين 19 تڪن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن، جن موجب پيپلز پارٽي 9 سيٽون کٽي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.پارٽي جي ڪاميابي تي چيئرمين Bilawal Bhutto Zardari جيالن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ تيرن جي برسات ٿي آهي.پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ واحد وڏي سياسي جماعت طور اڀري رهي آهي ۽ پارٽي ڀرپور ڪوشش ڪندي ته علائقي ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري.هن وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪندي ووٽ ڏنو آهي، جنهن تي هو عوام جا ٿورائتا آهن.