سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏاهلي ۾ اُٺڻي تي ٿيل وحشياڻي تشدد جو دل ڏکوئيندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بااثر شخص مبينا طور اُٺڻي تي تشدد ڪندي سندس ٻئي اکيون ڪڍي ڇڏيون، جنهن سبب اُها مڪمل طور نابين ٿي وئي.واقعي کان پوءِ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم متاثر اُٺڻي جو طبي معائنو ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ حزب الله ڀٽو موجب تشدد سبب اُٺڻي جون ٻئي اکيون مڪمل طور ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ هن وقت انهن جي بحالي ممڪن نظر نٿي اچي.هن ٻڌايو ته هي افسوسناڪ واقعو لڳ ڀڳ 15 ڏينهن اڳ پيش آيو هو، جڏهن ته کاتي کي ان بابت گذريل ڏينهن اطلاع ملي، جنهن بعد فوري طور ٽيم کي ٿرپارڪر موڪليو ويو. متاثر اُٺڻي جي زخمن جي علاج ۽ سنڀال لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ڊي جي لائيو اسٽاڪ موجب مڪمل طبي رپورٽ اچڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته اُٺڻي جي نظر بحال ڪرڻ لاءِ وڌيڪ علاج ممڪن آهي يا نه.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به تعلقي ڏاهلي جي هڪ ڳوٺ ۾ اُٺڻي تي تشدد ڪري سندس هڪ اک ضايع ڪرڻ جو واقعو رپورٽ ٿيو هو. وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي هئي۔
