ايران جو اسرائيل کي سخت جواب ڏيڻ جو انتباہ، ڏکڻ لبنان ۾ حملا بند ڪرڻ جو مطالبو

Khatam al-Anbiya Central Headquarters خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجون فوجي ڪارروايون جاري رکي ٿو ته کيس فيصلائتو ۽ سخت جواب ڏنو ويندو.

ترجمان موجب گذريل ٻن ڏينهن دوران اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ جنگبندي جي 84 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن سبب عام شهرين جون جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته جيڪڏهن صورتحال ساڳي رهي ته ايران جون هٿياربند فوجون مناسب جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون.ايراني فوج جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي جارحيت جو مقابلو ڪيو ويندو ۽ هڪ طرفي فوجي ڪاررواين کي برداشت نه ڪيو ويندو.ٻئي طرف اسرائيلي جنگي جهازن Southern Lebanon جي ضلعي Nabatieh ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بمباري ڪئي، جڏهن ته ميفدون واري علائقي ۾ ڊرون ۽ توپخاني ذريعي به حملا ڪيا ويا. رپورٽن موجب انهن حملن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن۔