قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ٽيم جي مفاد ۾ جيڪو بهتر هوندو، اهو ئي رانديگر لارڊز ٽيسٽ جي پليئنگ اليون ۾ شامل ٿيندو. انگلينڊ خلاف ٻئي ٽيسٽ کان اڳ لارڊز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته هو تقريباً 90 سيڪڙو فٽ آهن ۽ لارڊز ٽيسٽ سميت سڄي سيريز لاءِ دستياب رهندا.بابر اعظم چيو ته لارڊز جهڙي تاريخي ميدان تي پاڪستان جي قيادت ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن واضح ڪيو ته پليئنگ اليون جو فيصلو ڪنهن رانديگر جي نالي يا تجربي بدران ٽيم جي ضرورت ۽ ميچ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.قومي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڪنهن سينئر رانديگر کي ٻاهر ويهارڻ ۾ ڪا برائي ناهي، پر صرف محمد رضوان ئي نه، ٻين سينئر رانديگرن کي به پنهنجي ذميواري کڻڻي پوندي. سندس مطابق ٽيم ۾ ڪو به رانديگر غير اهم ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن رانديگر کي اعتماد ڏيڻ ۽ سندس صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ به موقعو ڏنو ويندو آهي.بابر اعظم وڌيڪ ٻڌايو ته لارڊز جي پچ تي گھاس نظر اچي رهي آهي، تنهن ڪري حتمي پليئنگ اليون جو فيصلو پچ ۽ موسمي حالتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪيو ويندو.واضح رهي ته ٽن ٽيسٽ ميچن واري سيريز ۾ انگلينڊ کي هڪ صفر جي برتري حاصل آهي. لارڊز ٽيسٽ پاڪستان لاءِ سيريز برابر ڪرڻ جي حوالي سان انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو، جڏهن ته قومي ٽيم ٻئي ٽيسٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پرعزم آه
