محسن نقوي سينيئر رانديگرن مان مايوس، وڌيڪ سخت فيصلن تي مشاورت شروع

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم جي سينيئر رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي تي سخت مايوس ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽ بورڊ ۾ وڏي پيماني تي تبديلين ۽ سخت فيصلن تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، تازي ميچن ۾ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي ۽ رانديگرن جي غير ذميواراڻي رويي سبب چيئرمين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي سينيئر رانديگرن جي مستقبل بابت اهم فيصلا ڪرڻ لاءِ اڳوڻن ڪرڪيٽرن ۽ بورڊ جي اعليٰ اختيارين سان مشاورت شروع ڪري ڏني آهي. هن مشاورت ۾ ڪجهه سينيئر رانديگرن کي ٽيم مان فارغ ڪرڻ يا کين آرام ڏيڻ سميت سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ تنزلي جهڙا سخت قدم به غور هيٺ آهن. پي سي بي چيئرمين جو موقف آهي ته هاڻي رڳو ڪارڪردگي جي بنياد تي ئي رانديگرن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

ڪرڪيٽ بورڊ جي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽيم ۾ گروپ بندي ۽ نظم و ضبط جي خلاف ورزي ڪندڙ رانديگرن خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي ويندي. محسن نقوي واضح ڪيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ نوجوان رانديگرن کي اڳتي اچڻ جا وڌ کان وڌ موقعا ڏنا ويندا ته جيئن ٽيم کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي.