ڪراچي: پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر تنوير احمد ملڪي ڪرڪيٽ نظام تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت جو اسٽار بيٽر ۽ اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي پاڪستان ۾ پيدا ٿئي ها ته هو ڪڏهن به ان مقام تي نه پهچي سگهي ها جتي هو اڄ موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ڪرڪيٽ سسٽم باصلاحيت رانديگرن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر تنوير احمد چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ ناهي پر هتان جو ناقص ۽ غير پيشيورانه نظام رانديگرن جي صلاحيتن کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ويرات ڪوهلي جهڙو عظيم رانديگر به جيڪڏهن اسان جي سسٽم مان گذري ها ته هو اڄوڪو ڪوهلي نه بڻجي سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هتي سفارش ۽ ناقص پاليسين سبب ميرٽ کي لتاڙيو ويندو آهي.
تنوير احمد جي هن بيان کانپوءِ ڪرڪيٽ حلقن ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي. راندين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي پنهنجي گهريلو ڪرڪيٽ ۽ رانديگرن جي تربيت واري نظام کي بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ملڪي ٽيلينٽ کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي ۽ عالمي سطح تي پاڪستاني ڪرڪيٽ جو وقار بحال ٿي سگهي.
