ڪالومبو: ویمن ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۾ قومي عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ايونٽ جو فاتحانه آغاز ڪيو آهي. پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرئين ميچ ۾ ٿائی لینڈ جي ویمنز ٽيم کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي پنهنجي مهم جو ڪامياب آغاز ڪيو آهي.
ميچ دوران پاڪستاني راندگيرن بالنگ ۽ بيٽنگ ٻنهي شعبن ۾ اعليٰ صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. قومي بالرن شروعات کان ئي ٿائی لينڊ جي بيٽرن تي دٻاءُ رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ مخالف ٽيم وڏو اسڪرين ٺاهڻ ۾ ناڪام وئي.
هن شاندار ڪاميابي سان قومي ٽيم جو حوصلو بلند ٿيو آهي ۽ هاڻي مداح اميد ڪري رهيا آهن ته پاڪستاني عورتن جي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ پنهنجا ايندڙ ميچز پڻ اهڙي ئي جوش ۽ جذبي سان کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪندي.
