لنڊن: پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۽ پي سي بي چيئرمين جي برطانوي بادشاهه چارلس سان ملاقات

لنڊن: پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي برطانوي گاديءَ واري شهر لنڊن ۾ برطانوي بادشاهه چارلس سان هڪ خاص ملاقات ڪئي آهي. هيءَ ملاقات بڪنگهم پيلس ۾ ٿي، جتي شاهي خاندان پاران پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ملاقات دوران برطانوي بادشاهه چارلس پاڪستاني ڪرڪيٽ رانديگرن سان ملي وڏي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ سندن راند جي صلاحيتن کي ساراهيو. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بادشاهه چارلس کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ ۽ مستقبل جي منصوبن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ان موقعي تي پاڪستاني ٽيم پاران بادشاهه چارلس کي هڪ يادگاري بيٽ ۽ رانديگرن جي صحيحن واري قومي ٽيم جي شرٽ پڻ تحفي ۾ پيش ڪئي وئي.

برطانوي بادشاهه پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو ته رانديون ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ تمنائون جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته رانديگر مستقبل ۾ به پنهنجي شاندار راند ذريعي مداحن کي محظوظ ڪندا رهندا.