لنڊن: انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نامور ڪرڪيٽ تجزييڪار مائيکل وان ايشز سيريز جي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ 43 سيڪڙو وڏي واڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هن واضح ڪيو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊز طرفان مداحن مٿان اهڙو مالي بار وجهڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي، جنهن سان راند جو مستقبل متاثر ٿيندو.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ت عام ڪرڪيٽ مداح اڳ ۾ ئي مهانگائي جي چڪت ۾ پيسجي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ٽڪيٽن جا اگهه آسمان سان پيا لڳن. هن ڪرڪيٽ اٿارٽيز تي تنقيد ڪندي چيو ته اسٽيڊيمز کي خالي رکڻ جو سبب اهڙيون غير منصفانه قيمتون بڻجي رهيون آهن، جن کي فوري طور تي نظرثاني هيٺ آڻڻ گهرجي.
ياد رهي ته انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ايندڙ ايشز سيريز لاءِ ٽڪيٽن جا نوان اگهه جاري ڪيا ويا هئا، جن تي راندين جي ماهرن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. مائيکل وان جي هن بيان بعد ڪرڪيٽ حلقن ۾ هڪ نئين بحث جو آغاز ٿي چڪو آهي.
