اسلام آباد: حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان بجلي جو بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي ان سلسلي ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2022 جي ملتوي ٿيل بقاياجات جي وصولي لاءِ نيپرا ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.نيپرا بجلي 14 روپيه 24 پئسا في يونٽ تائين مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي 2 مارچ تي ڪندو. پنهنجي درخواست ۾ حڪومت بجلي صارفين کان بقاياجات 8 مهينن ۾ وصول ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي. نيپرا کي ڏنل دخواست منظور ٿيڻ کان پوءِ ان جو لاڳو ملڪ جي سمورن صارفين خاص طور تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ زرعي صارفين تي به هوندو.200 يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙ ڪي اليڪٽرڪ صارفين کان 9.97 روپيه في يونٽ جڏهن ته 300 يونٽ وارن صارفين کان 13 روپيه 87 پئسا في يونٽ وصول ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي.ملڪ جي ٻين حصن ۾ 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کان 10 روپيه 34 پئسا جڏهن ته 300 يونٽ تائين جي صارفين کان 14 روپيه 24 پئسا وصولي جي درخواست ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه زرعي صارفين کان 9 روپيه 90 پئسا في يونٽ وصولي جي اجازت گهري وئي آهي.