بلاول ڀٽو زرداري جو بيان: ملڪي مسئلن جو واحد حل پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ آهي

بلاول ڀٽو زرداري جو بيان: ملڪي مسئلن جو واحد حل پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ آهي

اسلام آباد (ADN سنڌي): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سمورن سياسي ۽ معاشي بحرانن مان نجات جو واحد رستو پارلياماني بالادستي ۽ جمهوريت جي پيروي آهي. هن چيو ته سنڌ سميت سمورن صوبن کي سندن جائز حق ملڻ گهرجن ۽ عام ماڻهو کي مهانگائي مان ڪڍڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏيل مفاهمت تحت قانونسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.