بين الاقوامي موسمياتي ڪانفرنس (COP) دوران عالمي اڳواڻن طرفان ترقي پذير ۽ سيلاب سٽيل ملڪن لاءِ نون مالي فنڊز جي جلد واپرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ ماحولياتي ماهرن چيو ته فوري گرين توانائي طرف نه وڌڻ سان گلوبل وارمنگ ۾ خطرناڪ واڌ ٿي سگهي ٿي، جنهن جو وڏو شڪار زرعي معيشت وارا ملڪ بڻجي رهيا آهن.