اسلام آباد (اي ڊي اين نيوز):
پاڪستان جو باصلاحيت نوجوان خلاباز ذيشان علي عالمي سطح تي نئين تاريخ رقم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي، جيڪو جلد هڪ اهم خلائي مهم جو حصو بڻجندو. هن تاريخي قدم سان نه رڳو ملڪ جو نالو روشن ٿيندو، پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پڻ پاڪستان جو مقام بلند ٿيندو.
بااختيار ذريعن موجب، ذيشان علي هن مشن لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي پُراعتماد ارادن سان عالمي سطح تي پاڪستان جو پرچم بلند ڪرڻ لاءِ پُراميد آهي. حڪومتي شخصيتن ۽ عوامي حلقن پاران کيس هن عظيم ڪاميابي تي اڳواٽ ئي واڌايون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هي قدم پاڪستان جي نوجوان نسل لاءِ ترقيءَ جا نوان رستا کوليندو ۽ ملڪ اندر خلائي تحقيق جي حوالي سان دلچسپيءَ ۾ پڻ واڌ ايندي. ذيشان علي جي هن مهم سان ملڪي سطح تي سائنسي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ملندي.