بين الاقوامي راندين جي ميدان مان سٺي خبر: بيلجيم جي ماسٽرز هاڪي ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي

بين الاقوامي راندين جي ميدان مان سٺي خبر: بيلجيم جي ماسٽرز هاڪي ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندي

لاهور (اسپورٽس نمائندو): پاڪستان ۾ بين الاقوامي هاڪي جي بحاليءَ جي سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي بيلجيم جي قومي ماسٽرز هاڪي ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان هاڪي فيڊريشن (PHF) جي سيڪريٽري موجب، مهمان ٽيم لاهور ۽ ڪراچي ۾ پاڪستاني ماسٽرز ٽيم سان چار مچن جي دوستانه سيريز کيڏندي. فيڊريشن جو چوڻ آهي ته هي دورو غير ملڪي ٽيمن جي پاڪستان اچڻ بابت اعتماد کي مضبوط بڻائيندو.

هاڪي شائقين هن اعلان تي خوشي جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان اندر قومي راند جي ماضي واري روايت ٻيهر زنده ٿيندي.