ڪراچي عمارت حادثو: ملبي مان وڌيڪ لاش هٿ، فوتين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي ايڊمن سوسائٽي ۾ ڪري پيل رهائشي عمارت جي ملبي هيٺان ريسڪيو آپريشن دوران وڌيڪ هڪ شخص جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هن دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو ڪل انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي.

ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي عملدارن موجب ريسڪيو ٽيمون ڳري مشينريءَ ذريعي مسلسل ملبو هٽائڻ ۾ مصروف آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته هي عمارت بغير اجازت ۽ ناقص مواد سان تعمير ڪئي وئي هئي، جنهن سبب اوچتو پٽ پئجي وئي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين کي فوري بهترين علاج ۽ متاثر خاندانن جي مالي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته غفلت جي مرتڪب عملدارن ۽ بلڊر خلاف سخت قانوني ڪارروائي جا حڪم ڏنا ويا آهن.