ڪراچي (معاشي رپورٽر): ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز (آباد) جي چيئرمين حنيف گوهر سنڌ حڪومت کي سخت خبرداري ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ سومر تائين قانوني منظوري رکندڙ تعميراتي منصوبن کي ڊي سيل نه ڪيو ويو ته بلڊرز سمورو ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيئرمين آباد چيو ته حادثن جي آڙ ۾ بنا سبب قانوني عمارتن ۽ اربين رپين جي منصوبن تي ڪم روڪيو پيو وڃي، جنهن سان روزاني هزارين پورهيت بيروزگار ۽ معيشت تباهه ٿي رهي آهي.
هن واضح ڪيو ته آباد غيرقانوني تعميرات جي خلاف آهي پر ايس بي سي اي جي نااهليءَ ۽ رشوت خوريءَ جي سزا سڄي تعميراتي صنعت کي ڏيڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.