اي آر رحمان

صپروڊيوسر کي موسيقي پسند نه آئي، اي آر رحمان جو وڏو انڪشاف

ڪراچي (اي ڊي اين نيوز): بالي ووڊ جي نامور ۽ عالمي شهرت يافته موسيقار اي آر رحمان پنهنجي فني سفر بابت وڏو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته کيس ڪيريئر جي شروعات ۾ اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، جتي پروڊيوسر کي سندس تيار ڪيل موسيقي بلڪل به پسند نه آئي هئي. تفصيلن موجب آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ موسيقار جو چوڻ هو ته فنڪار جي زندگيءَ ۾ اهڙا لمحا پڻ ايندا آهن، جتي کيس سخت چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

اي آر رحمان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هڪ اهڙو وقت به هو جڏهن سندس ڪم کي رد ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سخت محنت ۽ عزم سان هن پنهنجو الڳ مقام بڻايو. سندس چوڻ هو ته لاڳاپيل فلم جي رليز ٿيڻ جي باوجود کيس مالي معاوضي لاءِ اٺن مهينن تائين انتظار ڪرڻو پيو، جيڪو سندس فني جدوجهد جو هڪ ڏکيو دور هو.

موسيقار وڌيڪ چيو ته اهڙا تجربا انسان کي همٿ نه هارڻ جو درس ڏيندا آهن ۽ مشڪلاتون ئي اصل ۾ انسان جي صلاحيتن کي نکارينديون آهن. اي آر رحمان جي هن بيان کانپوءِ شوبز حلقن ۽ سندس چاهيندڙن ۾ هڪ نئين بحث شروع ٿي وئي آهي، جتي مداح سندس ڪاميابيءَ پويان لڪل جدوجهد کي ڀرپور نموني ساراهي رهيا آهن.