ڪراچي (اي ڊي اين نيوز): سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن جا حتمي نتيجا سامهون اچي ويا آهن، جن موجب حق نواز تالپور وڏي سرسي حاصل ڪندي صدر جو عهدو ماڻي ورتو آهي. تفصيلن مطابق چونڊ عمل سخت مقابلي کانپوءِ پرامن ماحول ۾ مڪمل ٿيو.
چونڊن جي جاري ڪيل سرڪاري نتيجن موجب نامور اميدوار حق نواز تالپور 2,663 ووٽ حاصل ڪري پنهنجي مدمقابل کي شڪست ڏني ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو نئون صدر چونڊجي ويو. نئون صدر چونڊجڻ تي وڪيل برادري طرفان کيس مبارڪبادون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
نئين چونڊيل صدر حق نواز تالپور پنهنجي پهرين بيان ۾ چيو آهي ته هو وڪيلن جي حقن جي تحفظ ۽ عدليه جي آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو. هن سڀني ووٽرن ۽ ساٿين جا ٿورا پڻ مڃيا، جن مٿس پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.