جهلم: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جو عمل تڪراري آهي.ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد کي نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ نيب چيئرمين جي مقرري ڪئي وئي.ان حوالي سان فواد چوڌري چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جو عمل تڪراري آهي، عدالت تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي استعيفائن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري چڪي آهي.هن چيو ته تحريڪ انصاف شاهه محمود قريشي کي مخالف ڌر اڳواڻ نامزد ڪري چڪي آهي، نيب چيئرمين جي مقرري تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي مشاورت جو عمل قانوني اعتبار سان نه ٿيو.