چلاس: وين کاهي ۾ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا فوت، 22 زخمي

پشاور: چلاس ۾ قراقرم هاءِ وي تي وين کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مسافر فوت ۽ 22 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب حادثو قراقرم هاءِ وي تي هودر وٽ پيش آيو، جتي وين کاهي ۾ ڪري پئي.وين حادثي جي زخمين کي طبي امداد لاءِ آر ايڇ ڪيو اسپتال چلاس منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار وين راولپنڊي کان اسڪردو اچي رهي هئي.