وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو

دوحا: وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو، جتي هو ترقي پذير ملڪن بابت گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس اڄ کان دوحا ۾ شروع ٿيندي، هي ترقي پذير ملڪن جي ڪانفرنس جو پنجون اجلاس آهي، ڪانفرنس ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويندو.قطر جو امير ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ آجيان ڪندو، وزيراعظم شهباز شريف به قطر جي امير جي استقباليه تقريب ۾ شرڪت ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف 6 مارچ تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو، وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ وفدن جي سربراهن سان به ملاقات ڪندو.