عمران خان روئي يا رڙيون ڪري، ان سان ڪوبه سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي: مريم اونگزيب

لاهور: سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان روئي يا رڙيون ڪري، ان سان ڪوبه سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جو روڄ راڙو، امپورٽڊ حڪومت ۽ پاڻ تي حملو ڪندڙن جون ڳالهيون، پوءِ سمجهوتي جون ڳالهيون، اهو سمجهوتو نه آهي پر اهو سڀ ڪجهه اين آر او جي لاءِ منٿون آهن.سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير موجب عمران خان سمجهوتي جون ڳالهيون ان لاءِ ڪري رهيو آهي ته هيرن ۽ 190 ملين پائونڊ ۽ القادر ٽرسٽ جي ٽرسٽي جو جواب نه ڏيڻو پوي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ۾ چيو هو ته هو سڀني سان ڳالهيون ۽ سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.