سکر :عدالتي حڪم تي ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي تاريخي لينسڊائون پل جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، فائير برگيڊ گاڏين ذريعي پل کي ڌوئي ڇڏيو

سکر :عدالتي حڪم تي ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي تاريخي لينسڊائون پل جي صفائي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، فائير برگيڊ گاڏين ذريعي پل کي ڌوئي ڇڏيو، صفائي کانپوءِ مرمت ۽ سار سنڀال جو ڪم سنڌ حڪومت ڪندي. تفصيل موجب روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي قائم تاريخي لينسڊائون پل جي مرمت ۽ بحاليءَ جي حوالي سان ضلعي انتظاميا ۽ مختلف کاتن کي هوش اچي ويو آهي۔ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ پاران لينسڊائون پل جي زبون حالي کي نظر ۾ رکندي سکر ضلعي انتظاميا کي حڪم جاري ڪيا هئا ته لينڊ ڊائون پل کي قومي اثاثو قرار ڏئي مرمت ڪري بحال ڪيو وڃي، ججز تعمير جو معائنو ڪندا. عدالت جي حڪمن جي روشني ۾ ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي پاران اڄ کان پل جي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ پل جي صفائي جو ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ پل کي ڌوئڻ وارو ڪم فائر برگيڊ گاڏين جي مدد سان ڪيو آھي جڏهن ته ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پل کي ڌوئڻ کانپوءِ فوري طور تي ٻين کاتن سان گڏجي مرمت ڪئي ويندي.