آءِ ايم ايف پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو، معاهدو جلد ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسٽاف ليول معاهدي جي لاءِ گرين سگنل جو اشارو ڏئي ڇڏيو.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هلندڙ هفتي ئي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف جي ڏنل سمورن حدن تي اڳڀرائي ڪئي آهي. آءِ ايم ايف کي 4 ڀيرا ايم آءِ ايف پي جي حدفن تي مطمئن ڪيو ويو. اسٽاف ليول معاهدي کان اڳ اڳواٽ حدف به حاصل ڪيا ويا.ذريعن ٻڌايو ته ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيڻ سان آءِ ايم ايف جي آخري شرط به پوري ٿي وئي آهي. چين پاران ڏنل قرض جي رول اوور ٿيڻ تي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي ويا آهن.