ڪراچي: متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان وزيراعظم شهباز شريف کي 19 مارچ جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي.ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي رابطه ڪميٽي جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته وزيراعظم ماڻهن کي چوي ته هاڻ اسان تي ڪوبه ظلم نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان شريف آهيون ته ايم ڪيو ايم به شريف آهي.خالد مقبول صديقي 19 مارچ تي ڪراچي جي باغ جناح ۾ جلسو ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري ٿي رهي آهي. اسان کي هر حال ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳڻپ ڪرائڻ گهرجي. اسان کي خبر آهي ته پراجيڪٽ عمران خان ناڪام ٿي ويو آهي. اهڙا پراجيڪٽ نه صرف ناڪام ٿيندا آهن پر اکيون به ڏيکاريندا آهن.ٻئي طرف سينئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته 4 سال عمران خان ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. عمران خان پنهنجي نالي سان ايم ڪيو لڳائي ڏسي ته کيس خبر پوندي ته ٽارچر ڇا ٿيندو آهي.