ڪنڌڪوٽ :۾ بيسپ آفيس ۾ ٻوڏ متاثرين آبادگارن جي مد ۾ آيل امداد لاءِ ڪنڌڪوٽ جي ڊگري ڪاليج ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ: ۾ بيسپ آفيس ۾ ٻوڏ متاثرين آبادگارن جي مد ۾ آيل امداد لاءِ ڪنڌڪوٽ جي ڊگري ڪاليج ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو افتتاحي تقريب ۾ ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي،اسسٽنٽ ڪمشنر صفيان،ڊسٽرڪٽ انچارج بينظير انڪم سپورٽ پروگران سلامت علي بجاراڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.بيسپ سينٽر تي وڏي تعداد ۾ آبادگار آيل هئا جن کي پهرين فيض ۾ في ايڪڙ تي 20هزار روپيا ٻج ڀاڻ جي مد ۾ ڏنا ويا.ان موقعي تي ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي هرطرح کان سهائتا ڪري رهيو آهي اسين ٻوڏ ۽ برسات متاثرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي.هن چيو ته پهرين فيض ۾ آبادگارن کي في ايڪڙ تي 20هزار روپيا ڏنا پيا وڃن هن چيو ته اهو سلسلو هلندو رهندو.