ٺڪراٺو / پرائيوٽ اسڪولز جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شھر جي خانگي اسڪولن ۾ پھچي مختلف اسڪولز جي انسپيڪشن ڪئي ,ٺڪراٺو جي پرائيوٽ اسڪولن جي ساليانا انسپيڪشن اسڪولن جو رڪارڊ چيڪ ڪلاس جو به دورو شاگردن ۽ شاگردياڻين جو نصابي ڪم به چيڪ ڪيو پرائيوٽ اسڪولن جو معيار بھتر آھي اسڪولي استاد شاگردن جي تعليم تي توجه ڏين اڃا به وڌيڪ محنت جي ضرورت آھي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولز علي حسن جتوئي
ٺڪراٺو (رپورٽ) ٺڪراٺو جي پرائيوٽ اسڪولن مھراڻ پبلڪ آڪسفورڊ پبلڪ الحمد ماڊل گلشن ماڊل شاھ لطيف رحمان ماڊل اسڪول جي پرائيوٽ اسڪولز جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي حسن جتوئي پھچي انسپيڪشن ڪئي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولز علي حسن جتوئي شھر جي خانگي اسڪولن ۾ پھچي اسڪول جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ڪلاسن ۾ دورو ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کان نصاب بابت سوال جواب پڇيا ۽ پڪا بُڪ چيڪ ڪيا ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرائيوٽ اسڪولز علي حسن جتوئي ٻڌايو ته ساليانا انسپيڪشن جي سلسلي ۾ ٺڪراٺو جي خانگي اسڪولن ۾ پھتو آھيان جتي ڪلاس وائيز شاگردن کان ٿيل ڪم بابت پڇا ڪئي ۽ سندن پڪيون ڪاپيون چيڪ ڪري کانئن سوال جواب پڇيا آھن ھن چيو ته انسپيڪشن دوران اسڪولن جو رڪارڊ استادن ۽ شاگردن جي حاضري وارا بڪ ڏٺا آھن پرائيوٽ اسڪولز جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي حسن جتوئي ان موقعي تي استادن کي شاگردن جي تعليم تي وڌيڪ توجه ڏيڻ ۽ سخت کان سخت محنت ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون.