سکر:جماعت اصلاح المسلمين سنڌ جي زير اهتمام سنڌ دھرتي جي خواجہ غريب نواز سلسله نقشبنديه جي سالار حضرت خواجه خواجگان عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي 58 هين سالياني بين الاقوامي ء فقيدالمثال عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.فقيرپور شريف ۾ عرس جي موقعي تي روحاني، اصلاحي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪيا ويا، جماعت اصلاح المسلمين سنڌ جي ضلعن جي نون چونڊيل عهديدارن به حلف کنيو، خصوصي نشت ۾ سلسله نقشبنديه طاهريه جي سالار خواجه محمد طاهر المعروف سجن سائين جن ملڪ ۽ قوم جي استحڪام، ترقي، خوشحالي، امن، پيار، محبت ۽ نفرتن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي اجتماعي دعا ۽ اصلاحي ۽ روحاني خطاب ڪندي فرمايو ته پاڻ ۾ صبر ۽ برداشت جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان جي سوچ ۽ فڪر جون صلاحيتون ختم ٿي رهيون آهن.حضرت ابوبڪر صديق،حضرت پير مٺا سائين،حضرت سوھنا سائين خلق خدا ساڻ پيار ۽ محبت جو درس ڏنو ۽ پنهنجي مرشد تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جو درس ڏنو، ان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. پٽن ۽ ڌيئرن ۾ تفريق ختم ڪري انهن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جو حق ڏيو، پٽن ۽ ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏيو، نوجوان اعليٰ تعليم سان گڏ هنر به سکن، ھنر بادشاهه آهي، ڏکيا رستا اختيار ڪرڻ کان نه گھبرايون،محنت ڪرڻ گهرجي سياسي سمجهه ضروري آهي سوشل ميڊيا تي افواهون جو بازار گرم آهي ان تي يقين نه ڪيو بلڪه خبر جي تحقيق ڪريو ۽ حقيقت معلوم ڪريو پوءِ پنهنجي راءِ ڏيو ان تي ۽ بي بنياد ڳالهين کان پاسو ڪريو، الله جي ياد ڪرڻ سان رحمت ٿيندي آهي ۽ دلين کي سڪون ملندو آهي، الله تعاليٰ فرمائي ٿو: مون کي ياد ڪريو مان توهان کي ياد ڪندس پر الله تعاليٰ توهان کي پنهنجي شان سان ياد ڪندو آهي، جيڪا رحمت جي صورت ۾ آهي. انسان جيتري محنت ڪندو، الله تعاليٰ ان کي وڌيڪ ثمر ڏيندو، زمينن ۽ ڪاروبار ۾ محنت ڪندو، جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ڏکيائي ۾ ڏسن ته ان کان منهن نه موڙيو پر ان جي مدد ڪريو، الله تعاليٰ اسان جي مدد ڪندو، برساتون ۽ ٻوڏون. فصل ۽ گهر هليا ويا آهن، همت پيدا ڪريو ۽ محنت ڪريو، الله تعاليٰ اوهان جي فصلن کي برڪت ڏي، فصل تمام سٺو ٿيندو، بهادر ٿجو ۽ محنت ڪريو جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي مرڪزي صدر صاحبزاده صادق طاهر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ ھر گھر م محبتون ختم ٿي وئي آهي. هر گهر ۾ نفرتون وڌنديون رھيون آھن، اسان جو مرشد سجن سائين محبت پکيڙي رهيو آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گہوارو بڻائي، سجڻ سائين سڄي دنيا جو سجڻ آهي.ھن موقعي نامور عالم مولانا غلام مجتبيٰ راهوجو طاهري، تصوف ءطريقت تي ۽ مولانا محمد عاشق علي لنڊ حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه عظيم سالار نقشبند جي عنوان سان خطاب ڪيو،ممتاز ثناءُ خون شبير احمد نيازي، سيد فهد واحد علي، نعمان راڄپر، جاويد، مظهر علي خاصخيلي، مهتاب علي خاصخيلي. نادر علي ابڙو منفرد انداز ۾ نعتون پڙهيون.سڄي دنيا ۾ الاصلاح نيٽ ورڪ عرس مبارڪ کي لائيو نشر ڪيو ، الخدمين پنهنجي خدمتون انجام ڏنيون، طاهري فقراءَ ۽ عقيدتمندن ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ ختم قرآن ست سئو چار 704، متفرق صورتون 326436، ڪلمه طيبه ۽ ٻيون تسبيحون 23 لک 22 هزار 648 2349648، حج، عمره، نوافل، قرباني هڪ لک 31 هزار 55 درود شريف 4 ڪروڙ 7 لک 71 هزار 6 سئو 84 هزار 43771618 تحفا پيش ڪيا ويا، تاريخي لنگر هزارين ماڻهن گڏجي ڪيو. بسم الله جي آواز تي.ان موقعي تي صاحبزاده ديدہ دل، جماعت اصلاح المسلمين پاڪستان جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن مفتي عبدالرحيم طاهري، انجنيئر غلام محمد ميمڻ، مفتي عزيز الرحمان، صاحبزاده مولانا جميل احمد عباسي، محمد صديق، غلام ياسين، نذير احمد چنا، محمد حنيف سولنگي، نياز احمد مري، مولانا اشرف جتوئي، عبدالله کوکر، خليفي سڪيلدو، مخدوم محمد اعظم، شهزاده وقاص، محمد اقبال سوهو، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، انور علي ڏاهري، مشتاق احمد سومرو، طارق منگي، مظفر قائم خاني، طفيل احمد ابڙو، خالد ميمڻ. رسول بخش پليجو، طارق مسعود ۽ ٻين احبابن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.عرس مبارڪ ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا مان هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن شرڪت ڪئي.