اسلام آباد: جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي توشه خانه ڪيس ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي وڪيلن اسلام آباد جي سيشن عدالت مان جاري ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ کي رد ڪرڻ جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن کي برقرار رکيو. عدالت عمران خان جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪجهه دير لاءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو. اسلام آباد جي عدالت ساڳئي ڪيس ۾ عمران خان کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي.عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٻئي طرف عمران خان جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته هو عدالت جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا.