اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيف جسٽس آف پاڪستان جي نالي هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي نالي خط ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي زندگي کي پيش ايندڙ خطن کان آگاهه ڪيو آهي.عمران خان خط ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کان استدعا ڪئي آهي ته مختلف ڪيسن ۾ پيشي جي موقعي تي مناسب سيڪيورٽي جا انتظام ڪرايا وڃن. ان کان علاوه عمران خان چيف جسٽس کان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي به اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گذريل مهيني به چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز جي نالي هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ آڊيو ليڪس جي سلسلي ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪهڙو قانون ڪهڙي ڳجهي رڪارڊنگز جو حق ڏئي ٿو ۽ اهو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو.عمران خان فيبروري ۾ لکيل خط ۾ استدعا ڪئي هئي ته آڊيو ليڪس معاملي تي منهنجي درخواست کي فوري طور تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.