لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي پيمرا طرفان سندس تقريرن ۽ بيانن تي پابندي خلاف درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.اڳوڻي وزيراعظم جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جسٽس شاهد بلال حسن سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ پيمرا کي ڌر بڻائيندي چيو ويو آهي ته پيمرا اختيار اورانگهيندي نشريات تي پابندي جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي، جيڪو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي.عمران خان پابندي کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته اها پابندي آئين جي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي آهي، پيمرا آرڊيننس 2002ع جي ڀڃڪڙي ڪندي حڪم جاري ڪيو آهي، اها بنيادي حقن جي به ڀڃڪڙي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته پيمرا جي پابندي بابت حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پيمرا عمران خان جي رڪارڊڊ ۽ لائيو تقريرن ۽ ميڊيا ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.پيمرا طرفان سڀني لائسنس رکندڙ ٽي وي چئنلن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته اهي عمران خان جا رياستي ادارن خلاف رڪارڊ ٿيل بيان، سڌي ريت گفتگو يا پريس ڪانفرنس نشر نه ڪن.بيان ۾ چيو ويو هو ته عمران خان پنهنجي تقريرن ۽ بيانن ۾ مسلسل رياستي ادارن تي الزام هڻي رهيو آهي ۽ ادارن جي آفيسرن خلاف نفرت پکيڙي رهيو آهي، جنهن سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جو انديشو آهي.