عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي، عدالت حڪم ڏنو ته پورو ڪنداسين: آءِ جي پنجاب

لاهور: آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي ۽ عدالت حڪم ڏئي ٿي ته ان کي پورو ڪنداسين.صحافين سان ڳالهيون ڪندي آءِ جي پنجاب چيو ته عمران خان کي اڳوڻي وزيراعظم جي پروٽوڪول کان وڌيڪ سيڪيورٽي ڏني پئي وڃي. هو جڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو تڏهن اتي به سيڪيورٽي جو وڏو انتظام ڪيو ويو هو.هن چيو ته پوليس عدالت جو نوٽيس کڻي ڪنهن وٽ ويندي آهي ان لاءِ اسلام آباد پوليس سان جيڪو ٿيو ان جي قانوني ڪارروائي بڻجي ٿي جيڪا ٿي رهي آهي.آءِ جي پنجاب چيو ته عمران خان جي گرفتاري قانوني عمل آهي، عدالت حڪم ڏيندي ته ان کي پورو ڪنداسين. پنجاب پوليس جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ دهشتگردن طرفان ٿريٽس ايندا رهندا آهن. اسان جي پاليسي ٿريٽس کي هِٽ ڪرڻ جي آهي.