عثمان بزدار ۽ فرح گوگي خلاف ڪرپشن جي جاچ: 150 پلاٽس جا فائيل غائب ٿيڻ جو انڪشاف

لاهور: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار ۽ فرح گوگي خلاف جاچ دوران لاهور ڊوالپمينٽ اٿارٽي(ايل ڊي اي) جي رڪارڊ مان پلاٽس جا فائيل غائب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب عثمان بزدار ۽ فرح گوگي مبينه طور تي پوش علائقي ۾ ڪروڙين روپين جا پلاٽس خريد ڪيا. پلاٽس ڪيتري ۾ خريد ڪيا ويا ۽ ان جي باري ۾ ٻين تفصيلن جو رڪارڊ غائب ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ايل ڊي اي سي 2 ارب روپين جي ماليت بابت معاملي جا فائيل غائب ٿيڻ تي جواب طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب 150 پلاٽس جا فائيل ايل ڊي اي جي رڪارڊ مان غائب ٿيا آهن. هڪ ئي شخص جي نالي 100 فائيل پاور آف اٽارني جي ذريعي منتقل ڪرايا ويا. اينٽي ڪرپشن کاتي ڊائريڪٽر جوهر ٽائون ۽ ڊائريڪٽر هائوسنگ معظم رشيد کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.